??شا??ر – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بي آر ٽي منصوبي جي شروع ٿيڻ سان عام ماڻهو جي زندگي ۾ انقلاب ايندو ۽ اهو منصوبو ??شا??ر جي شهرين جي لاءِ نعمت ثابت ٿيندو، هائبرڊ بسن جي استعمال سان ماحولياتي آلودگي ۾ به گهٽتائي ٿيندي ۽ عوام کي بهترين سفري سهولتون ملنديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن بي آر ٽي منصوبي تي ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير محمود خان، خيبرپختونخواهه جو گورنر شاهه فرمان، دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نورالحق قادري، خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اسپيڪر مشتاق سميت چونڊيل نمائندا ۽ سرڪاري عملدارن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم چيو ته هن منصوبي جي مڪمل ٿيڻ تي وڏي وزير محمود ان ۽ سندس ٽيم کي مب??رڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته هي ميٽرو بس جو بهترين منصوبو آهي ۽ معيار جي لحاظ کان به اعليٰ ۽ ٿرڊ جنريشن منصوبو آهي. هن چيو ته ان جا اثر ??شا??ر جي ترقي تي پوندا. هن چيو ته ماڻهن کي ??شا??ر جي مين رستي تي رش جي ڪري ڪلاڪ جا ڪلاڪ انتظار ڪرڻو پوندو هو. بي آر ٽي ذريعي ??شا??ر جي عوام کي بهترين سفري سهولتون ملنديون. هن چيو ته 27 ڪلوميٽر جي ان بس ٽريڪ جي ڪري رستن تي ٽريفڪ دٻاءُ به گهٽ ٿيندو. هن چيو ته هي جديد ٽرانسپورٽ سسٽم آهي. مون کي ان حوالي سان ڪجهه خدشا هئا پر پرويز خٽڪ جيڪو ان وقت وڏو وزير هو هو ان منصوبي جي حق ۾ دليل ڏيندو هو. ثابت ٿيو ته سندس راءِ صحيح هئي، آئون کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان مزدور، پورهيت ۽ عام ماڻهو جي زندگي ۾ انقلاب ايندو.
متعلقہ مضامین
-
Protests against hanging beyond comprehension
-
Pakistan, Russia deal on MI-35 attack helicopters likely in two months
-
Dr Uzma apologises to Maryam over protocol allegation
-
Bilawal predicts next general election in 2017
-
Karandaaz hosts workshop on eco-system at LUMS
-
گانیشا خزانہ ایپ ڈاؤن لوڈ لنک
-
الیکٹرانک پروب آفیشل ڈاؤنلوڈ ویب سائٹ
-
ساؤتھ ویسٹ لاٹری آفیشل گیم ویب سائٹ کے ذریعے کھیلیں اور جیتیں
-
بک آف ڈیتھ انٹیگریٹی بیٹنگ ویب سائٹ کی خصوصیات اور فوائد
-
بلیک جیک ایمانداری بیٹنگ ایپ کا تعارف اور فوائد
-
Lucky Dragon ایپ ڈاؤن لوڈ لنک اور اس کے فوائد
-
فرٹ کینڈی ایپ گیم پلیٹ فارم: تفریح اور انعامات کا بہترین ذریعہ